عيد الفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس (اڄ) ٿيندو

image

اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) عيدالفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس (اڄ) اڱاري تي اسلام آباد ۾ ٿيندو جڏهن ته زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻي ڪميٽين جا اجلاس پنهنجن پنهنجن لاڳاپيل هنڌن تي ٿيندا. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت چيئرمين مولانا محمد عبدالخبير آزاد ڪندو، اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزارت ۽ اسپارڪو جو مددگار عملو ۽ آفيسر پڻ شرڪت ڪندا. چنڊ ڏسڻ جي حوالي سان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين سڄي ملڪ مان مليل شهادتن کي نظر ۾ رکندي حتمي اعلان ڪندو.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں