قوم جو سڀ کان قيمتي اثاثو ان جا انساني وسيلا آهن، هنرمند افرادي قوت جي ٻاهرئين ملڪن ۾ تمام گهڻي ضرورت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

image

ڪوئيٽا – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته قوم جو سڀ کان قيمتي اثاثو ان جا انساني وسيلا آهن، هنرمند افرادي قوت جي ٻاهرئين ملڪن ۾ تمام گهڻي ضرورت آهي، دوست ملڪ اڄ به پاڪستان مان افرادي قوت جي درآمدي کي ترجيح ڏين ٿا، افرادي قوت کي جديد بنيادن تي فني تربيت وقت جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان ۾ پرائيم منسٽر يوٿ اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته فني مهارت جي اهميت وقت سان گڏ تبديل ٿي رهي آهي ۽ وڌي رهي آهي، ڪنهن به قوم جو سڀ کان قيمتي اثاثو ان جا انساني وسيلا آهن، هنر جي اضافي سان اهي ويليو ايڊيڊ بڻجي ويندا آهن، عالمي مارڪيٽ ۽ معيشتن ۾ جهڙي طرح جدت اچي رهي آهي، نيون ٽيڪنالاجيز اچي رهيون آهن، آرٽيفيشل انٽيليجنس جو دور جاري آهي، انهن سڀني ۾ جيڪي چئلينجز درپيش آهن اهي اهي آهن ته ڪيئن پنهنجي انساني وسيلن کي موثر بڻائي سگهجي ٿو، انهن جي ڪيئن تربيت ڪرڻي آهي. هن چيو ته هنرمند افرادي قوت انفرادي ۽ اجتماعي طور تي قومن جي لاءِ فائديمند هوندي آهي. ڪوشش آهي ته گوادر کان موسيٰ خيل تائين ٻارن کي تربيت ڏني وڃي ته جيئن اهي ماڻهن جي لاءِ ڪارائتي شهري طور سامهون اچن. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ٽريننگز کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو، نار ملڪن، يورپ ۽ چين ۾ افرادي قوت جي لاءِ وڏا موقعا آهن. جيتوڻيڪ ان ۾ هنرمند افرادي قوت گهربل آهي. ماضي ۾ غيرهنرمند ماڻهن کي ٻاهر موڪليو ويندو رهيو جن اسان جي معيشت کي وڏو سهارو ڏنو، جيتوڻيڪ مستقبل ۾ هاڻي شايد اهو ممڪن نه هجي ته غيرهنرمند ماڻهن کي ٻاهر موڪلي سگهجي. سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، ڪويت سميت مختلف ملڪن سان ڳالهه ٻولهه ۾ جنهن نتيجي تي آئون پهتو آهيان ان جي اڄ به ترجيح پاڪستان مان افرادي قوت وٺڻ ۾ آهي. جيڪڏهن انهن جي معيشت سان هڪ جهڙائي رکندڙ افرادي قوت هتي دستياب نه هوندي ته پوءِ ان جو ڌيان ٻين ملڪن طرف هليو ويندو. اسان کي ان مقابلي جي تياري ڪرڻي آهي. ان جي لاءِ حڪومت ۽ نجي شعبي کي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ان سلسلي ۾ اڳتي ايندي، پنهنجي صلاحيت کي وڌائيندي. هن چيو ته 8 فيبروري کانپوءِ جڏهن اسان جو مدو پورو ٿيندو، ان کانپوءِ به ان معاشري ۾ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اسان جو ڪردار هوندو ۽ ان ڪردار کي بلوچستان ۽ ان جي ماڻهن جي مفاد ۾ ڀرپور انداز ۾ استعمال ڪنداسين. هي هڪ مشن آهي ۽ ان کي کڻي هلنداسين. ڪوئيٽا ۾ هن پروگرام ۾ شرڪت سان خوشي ٿي رهي آهي، ان جا اثر ڊگهي مدي وارا هوندا، ان سان ماڻهن جي زندگي تبديل ٿيندي، هي ماڻهو پنهنجي نسلن جي تعليم ۽ صحت ۾ سيڙپڪاري ڪندا، ڪنهن هڪ هنرمند ماڻهو جو هنر ان جي خاندان ۽ معاشري ۾ ڦهلجندو آهي، هي سماجي انقلاب طرف هڪ قدم آهي، ان ۾ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ڀرپور انداز ۾ ادا ڪرڻ گهرجي. صوبائي سوسائٽي جي مشاورت سان وفاقي حڪومت صوبن کي گڏ کڻي اڳتي وڌندي. نگران وزيراعظم ان موقعي تي بلوچستان جي چئن هوشيار شاگردن کي چيڪ ڏنا، جن ۾ عيني عروج، حفظه عمران، مومنيٰ اعجاز، ثمينه مري شامل هيون.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار
متعلقہ مضامین
مزید خبریں