نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان يو اين اي ايم اي سربراهه، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي افغانستان بابت خصوصي نمائندي جي ملاقات

image

اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان افغانستان ۾ گڏيل قومن جي امدادي مشن (يو اين اي ايم اي) جي سربراهه ۽ سيڪريٽري جنرل جي افغانستان بابت خصوصي نمائندي روزا اوتن بائيفا ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير افغانستان ۾ گڏيل قومن جي امدادي مشن جي اهم ڪم جي حمايت جو اظهار ڪيو. هن هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن سان مسلسل رابطي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں