بلوچستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

image

اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر مير جان محمد جمالي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بلوچستان بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي قدرتي وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.

مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں