نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي اي سي او جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات

image

اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 27هين اي سي او پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي شهر شوشا ۾ اي سي او جي سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نگران پرڏيهي وزير اي سي او جي ويزن ۽ ان جي هدفن ۽ مقصدن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اقتصادي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل خطي ۾ ترقي ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.

مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج
متعلقہ مضامین
مزید خبریں