رياست ڪنهن کي به سياسي، نسلي ۽ مذهبي اختلافن جي بنياد تي تشدد ۽ ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

image

لاهور – 02 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته رياست ڪنهن کي به سياسي، نسلي ۽ مذهبي اختلافن جي بنياد تي تشدد ۽ ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي، امن امان کي يقيني بڻائڻ رياست جي ذميواري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيڪن هائوس نيشنل يونيورسٽي لاهور جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ڳالهائيندي ڪيو. يونيورسٽي فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ ان موقعي تي موجود هو. نگران وزيراعظم شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته امن امان برقرار رکڻ رياست جي اولين ذميواري آهي ۽ آئون توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته اهڙا عنصر رياست پاڪستان تي ڪڏهن به غالب نه ايندا. نگران وزيراعظم هڪ سوال جي جواب ۾ پنهنجي موقف جي وضاحت ڪندي چيو ته جيڪو رياست ۽ عوام تي حملي آور ٿيندو ان کي ڀرپور جواب ملندو. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ رياست ۽ عام شهرين جي خلاف جنگ جڏهن ته دهشتگردن ۽ عسڪريت پسندن کي ماڻهن کي بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي. هن چيو ته اسان انهن دهشتگردن جو چئلينج قبول ڪري ورتو آهي ۽ پوري طاقت سان انهن کي جواب ڏنو ويندو. معيشت جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ٽيڪس اوڳاڙيون عوام جي ڀلائي تي خرچ ڪيون وڃن ٿيون، ملڪي آمدني ۽ خرچ ۾ فرق تمام وڌيڪ آهي، ٽيڪس وصولي جي شرح ۾ اضافو انتهائي ضروري آهي، ملڪ ۾ 10 هزار ارب رپين جي ٽيڪس چوري ٿي رهي آهي، ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي وڏو چئلينج آهي، تعليم صحت ۽ ٻين سهولتن جي لاءِ ٽيڪسيشن جو ٺوس نظام لازمي آهي، پاڪستان ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪس جي شرح 9 سيڪڙو آهي، نگران حڪومت جي دور ۾ ايف بي آر ٽيڪس هدف حاصل ڪيو، اسان کي پنهنجي گورننس جي نظام ۾ بهتري آڻڻي آهي. هن چيو ته معيشت جي مضبوطي جي لاءِ سڀ کان پهرين ۽ سڀ کان اهم ضرورت اها آهي ته ٽيڪس جو هڪ مضبوط نظام جوڙيو وڃي. هن بيوروڪريسي جي ڍانچي ۽ گورننس جي نظام ۾ بهتري جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. غزه بابت هڪ سوال تي نگران وزيراعظم چيو ته اسرائيل ظلم ۽ ڏاڍ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، نئين سال جون تقريبون نه ملهائڻ جو مقصد دنيا کي فلسطينين تي ظلمن بابت آگاهه ڪرڻ هو، فلسطين ۾ جاري رتوڇاڻ جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، پاڪستان فلسطين جي مسئلي تي او آءِ سي سميت سمورن عالمي فورمز تي ڳالهه ڪئي ۽ يورپي، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي سفارتڪارن کي ياد ڏياريو ته جيڪڏهن اسرائيل پاران اهڙي طرح جو احمقاڻو رويو جاري رهيو ته فلسطين ۾ ظلم ۽ تشدد سان ڏيڍ ارب مسلمان انتهاپسندي جو شڪار ٿي ويندا، اسان جو پهريون مطالبو ڏکڻ جنگ جو خاتمو آهي، پاڪستان جي عسڪري قيادت به ان مسئلي تي آمريڪا سان ڳالهه ڪئي آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته غزه ۾ هيستائين اٽڪل 9 هزار ٻار پنهنجون جانيون وڃائي چڪا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته دنيا هڪ آزاد فلسطين جي ڳالهه ڪري رهي آهي جنهن جون سرحدون جون 1967ع کان اڳ جون آهن ۽ ان جو گادي وارو شهر القدس الشريف آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان فلسطيني موقف تي انهن سان گڏ حقيقي طور تي پرعزم آهي ۽ ان جو پيغام پهچائڻ جي لاءِ سمورن سفارتي ذريعن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ بلوچ خاندانن جي احتجاج جي حوالي سان هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سڄي دنيا ۾ آئين ۽ قانون جي حدن ۾ رهندي احتجاج ۽ مظاهرو ڪرڻ بنيادي حق آهي پر جڏهن انهن اصولن جي خلاف ورزي ڪئي وئي ته پوءِ قانون حرڪت ۾ آيو. هن چيو ته بلوچ مظاهرين جي خلاف واٽر ڪينن جي استعمال کي تمام گهڻو تنقيد جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ته هو يورپي يونين جي ملڪن ۾ مظاهرين جي خلاف ان جي استعمال جي اٽڪل 200 کان وڌيڪ واقعن جو حوالو ڏئي سگهي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجي مٿان پٿراءُ تي جوابي ڪارروائي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته سمورن گرفتار ماڻهن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته عورتون نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي سامهون احتجاج ڪري رهيون هيون جيڪو انهن جو حق هو، حڪومت قانون لاڳو ڪرائيندي آهي ڀلي ڪير ان کي پسند ڪري يا نه ڪري. نگران وزيراعظم هڪ شاگرد جي ريمارڪس سان اتفاق ڪيو ته ملڪ ۾ عدالتي نظام ۾ بهتري جي ضرورت آهي. هن رويي ۾ تبديلي ۽ سڀني تي قانونن جي هڪ جهڙي اطلاق تي پڻ زور ڏنو. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته نوجوانن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي سدائين خوشي ٿيندي آهي، نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن، نوجوانن کي قومي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو آهي جڏهن ته نوجوانن کي دنيا ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻڻو آهي. هن چيو ته ملڪ مان هوشيار ٻارن جو وڃڻ برين ڊرين نه آهي پر اهي اسان جو اثاثو آهن، اسان جي هوشيارن جو ٻاهرئين ملڪ وڃڻ اسان جي ڪاميابي آهي، اسان کي انساني وسيلن جي ترقي تي ڀرپور ڌيان ڏيڻو آهي ڇو ته هنرمند انساني وسيلا ملڪ ۾ پرڏيهي ناڻي جو ذريعو بڻجن ٿا. هن ان ڳالهه سان به اتفاق ڪيو ته ميڊيڪل ايجوڪيشن ۾ سٺي اصول ۽ ضابطن جي کوٽ آهي، ذهني صحت جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ نگران حڪومت قانونسازي نه ٿي ڪري سگهي پر اها ايندڙ حڪومت جي لاءِ رڳو پنهنجي سفارشن جو مسودو تيار ڪري سگهي ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت ارتقائي عمل ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته غيرجمهوري قوتون اڪثر جمهوري نظام جي عدم ڪارڪردگي جو فائدو کڻن ٿيون. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته جمهوريت جي اصولن کي انهن ماڻهن پائمال ڪيو جن انهن کي پنهنجي فائدي ۾ نه سمجهيو، هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه مسئلن تي مڪمل بحث جي ضرورت آهي ۽ نوجوانن کي مشورو ڏنو ته اهي سچا بڻجن ۽ ملڪي مسئلن جو حقيقي حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪن. نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ غيررياستي عنصر ۽ دهشتگرد ماڻهن کي قتل ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته رياست کي تشدد جو جواب ڏيڻ جو پورو حق آهي.

مضمون کا ماخذ : Raging Rhino
متعلقہ مضامین
مزید خبریں