اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قومي سلامتي جو سڌوسنئون تعلق معاشي سلامتي سان آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي رڪارڊ اضافو، مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي، آءِ ٽي سميت ٻين شعبن ۾ روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، پنهنجون سموريون توانائيون ۽ وسيلا ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، زراعتن، صنعت، برآمد ڪندڙن ۽ حڪومت کي ملڪي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسلام آباد ۾ هٿياربند ڪاهه جي ذريعي غيريقيني ۽ افراتفري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پاڪستان جا دشمن سڀ ڪجهه تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ 26هين سيڪيورٽي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قومي سلامتي جو سڌوسنئون تعلق معاشي سلامتي سان آهي، ٻئي گڏ گڏ آهن، اسٽاڪ ايڪسچينج اڄ هڪ لک پوائنٽس جي حد عبور ڪري ورتي، وفاقي حڪومت ۽ سمورين ڌرين جي وچ ۾ ٺوس رابطي ۽ ٽيم جي اڻٿڪ ڪوششن جي ڪري اها ڪاميابي ملي آهي، اهو ڪاروباري رجحان آهي، ملڪ صحيح رخ ۾ گامزن آهي، گذريل کان گذريل ڏينهن جيڪو ڪجهه اسلام آباد ۾ ٿيو ان سان اسٽاڪ ايڪسچينج 4 هزار پوائنٽس ڪِري پئي، احتجاج ختم ٿيڻ کانپوءِ گذريل ڏينهن ان ۾ 3 هزار پوائنٽس جو اضافو ٿيو آهي ۽ اڄ هڪ لک پوائنٽس جي حد عبور ڪرڻ تاريخي رڪارڊ آهي. هن چيو ته روانگي واپار ۽ صنعتن ۾ اضافو ٿي رهيو هجي، پيداواري نوڪرين جا موقعا ملي رهيا هجن، بيوروڪريسي فعال ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي هجي ته معاشي سلامتي پاڻ مضبوط ٿئي ٿي، بدقسمتي سان ماضي ۾ معاشي ترقي سست رهي، ان جا مختلف سبب آهن، ان مان خلوص سان پاليسين تي عملدرآمد نه ڪرڻ، محنت ۽ اڻٿڪ ڪوششن جي کوٽ شامل آهي، ان سان گڏوگڏ ذهين پيشيواراڻي ڪاروباري ماڻهن، استادن ۽ ماهرن جي هجڻ جي باوجود معيشت ڪِرندي وئي. هن چيو ته اسان کي اڃا به ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، جون 2023ع ۾ پاڪستان جي ڏيوالپڻي ٿيڻ جو خطرو هو، ان تي اسان سياسي پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪئي ۽ آءِ ايم ايف سان ٺوس ڳالهيون ڪري ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، اسان وٽ ان کانسواءِ ڪو رستو نه هو، آءِ ايم ايف سان ٻيهر ڳالهيون ڪيون ويون. هن چيو ته ماضي ۾ منصوبا ٺاهي نظرانداز ڪيا ويا، اسان پنهنجي منصوبن تي عملدرآمد ڪنداسين، هوم گرائونڊ پلان ٺاهيو ويو آهي، پوري پاڪستاني قوم سان گڏجي ان منصوبي تي عمل ڪنداسين. هن چيو ته ملڪ جو معاشي منظرنامو اڻٿڪ محنت ۽ ڪوششن سان تبديل ڪري سگهجي ٿو، معاشي چئلينجز سان گڏوگڏ سيڪيورٽي چئلينجز پڻ درپيش آهن، پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوري قوم دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ قربانيون ڏنيون، اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي دور ۾ ملڪ جي بهادر فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عوام دهشتگردي کي شڪست ڏني، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا ۽ 130 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو، اسان کي انهن نقصانن جي اثرن کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن، پاڪستان دشمن عنصر پاڪستان جي دشمنن سان گڏجي پنهنجي ڪڌي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن، پاراچنار ۾ بيگناهه پاڪستانين کي قتل ڪيو ويو. هن چيو ته اسلام آباد ۾ لشڪرڪشيءَ ڪئي وئي، احتجاج جي آڙ ۾ هزارين ماڻهن هٿيارن سان حملو ڪيو جنهن سان غيريقيني ۽ افراتفري پيدا ٿي، اهي معاشي استحڪام کي تباهه ڪرڻ چاهيندا هئا. وزيراعظم چيو ته مهانگائي جي شرح 32 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، روانگي واپار ۾ ترتيبوار اضافو ٿي رهيو آهي، مٽاسٽا جي ناڻي، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، اهو پاڪستاني عوام جو خواب هو، پاڪستان جا دشمن سڀ ڪجهه تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اسان وٽ محدود آپشن آهن، اسان پنهنجون سموريون توانائيون ۽ وسيلا ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون. شهباز شريف چيو ته اسان متحد ٿي ملڪ جو مستقبل خوشحال بڻائي سگهون ٿا. بعد ۾ شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ٻاهرئين خساري ۾ فرق کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ روانگي واپار کي وڌائڻ لازمي آهي، هن وقت مٽاسٽا جو ناڻو 30 ارب ڊالر آهي ۽ ان جي برابر روانگي واپار آهي، روانگي واپار تي ٻڌل پاليسي تي عمل پيرا آهيون، جيستائين پنهنجا وسيلا نه وڌائينداسين ته ان وقت تائين پنهنجي ايندڙ نسلن تي قرضن جو بار وڌائينداسين، ائين اسان نٿا ڪري سگهون، گئس ۽ پاور جي شعبن ۾ گردشي قرض سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، ان ۾ بجلي چوري سميت ڪيترائي عمل شامل آهن، اسان متحد ٿي انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون، بجلي چوري ۽ اداراجاتي خامين جي خاتمي لاءِ لاڳاپيل وزارت ڪم ڪري رهي آهي، اسان کي ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻو آهي، ٽيڪسن ۾ ته اربين رپين جي چوري ٿي رهي آهي، ٽيڪس ادا ڪندڙن کي سلام پيش ڪريان ٿو، انهن جي حوصلا افزائي جي لاءِ قدم کنيا، اسان کي عوام کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻيون آهن، زراعت، صنعت، برآمد ڪندڙن ۽ حڪومت کي ملڪي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ايپڪس ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته بلوچستان ۾ غيرملڪي حمايت سان جيڪا سازش ٿي رهي آهي ان جو خاتمو تمام ضروري آهي، بلوچستان ۾ آپريشن شروع ٿي چڪو آهي، اهو عزم استحڪام تحت بلوچستان ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي سان ڳنڍيل آهي. هن چيو ته 2018ع جي چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ميثاق معيشت جي تجويز ڏني هئي، اڄ ٻيهر ميثاق معيشت جي تجويز ورجاءُ ڪريان ٿو، حڪومت ڪاروبار ناهي ڪندي پر ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪندي آهي، مختلف ادارن ۾ رائٽ سائيزنگ ۽ ڊائون سائيزنگ ڪري رهيا آهيون، خساري جو شڪار سرڪاري ملڪيتي ادارن ۾ اربين رپين جو نقصان ٿئي ٿو، انهن اربين رپين جو نقصان بچائينداسين، حڪومت، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سميت سمورن ادارن جو ان بابت هڪ جهڙو موقف آهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت کي ان معاملي تي قوم کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ جاندار بيانيو جوڙڻ جو چيو آهي. هن چيو ته 2010ع جي اين ايف سي ايوارڊ تحت دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ خيبرپختونخواهه کي سمورا صوبا هڪ سيڪڙو حصو ڏين ٿا، هيستائين انهن کي 600 ارب رپيا ملي چڪا آهن، اڃا تائين اتي سيف سٽي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جو ادارو قائم ناهي ٿي سگهيو، اسان سڀني کي گڏجي ملڪ ۽ عوام جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، سمورن قائدين ۽ اشرافيه کي گڏجي ملڪ جي تقدير بدلائڻي آهي، اهو محنت، امانت ۽ ديانت سان ممڪن آهي، اسان اڻٿڪ محنت ۽ لگن سان پنهنجي ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، اعليٰ عسڪري عملدارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي.