سينيٽ چيئرمين وفد سان گڏ سعودي عرب جي پنجن ڏينهن جي دوري لاءِ روانو

image

اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي ) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني وفد سان گڏ سعودي عرب جي پنجن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان موجب سينيٽ چيئرمين سعودي ايئر لائن وسيلي سعودي عرب روانو ٿيو کيس ان دوري جي دعوت سعودي عرب جي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڏني آهي. سيد يوسف رضا گيلاني جي دوري جو مقصد ٻه طرفن رابطن ۽ اداره جاتي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ آهي. سينيٽ چيئرمين جي اڳواڻي ۾ وفد سعودي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ٻين اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪندو جڏهن ته وفد عمري جي سعادت به حاصل ڪندو.

مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں