پي ٽي آءِ سان ڪنهن به ليول تي ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ پي ٽي آءِ جو احتجاج غير قانوني آهي، هاڻي جيڪو به ايندو گرفتار ٿيندو: عطاءُ الله تارڙ

image

اسلام آباد-23 نومبر (اي پي پي)سڌ سماءَ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان ڪنهن به ليول تي ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، تحريڪ انصاف هميشه ملڪي مفادن کي نقصان پهچايو، جڏهن به ڪنهن ملڪ جو صدر يا ڪا ڪانفرنس پاڪستان ۾ ٿيڻ لڳي ٿي ته اهي ماڻهو احتجاج جو سڏ ڏين ٿا، ماضي ۾ هنن چين جي صدر جي دوري کي نقصان پهچايو، هاڻي اهي بيلاروس جي صدر جو دورو ناڪام بڻائڻ چاهين ٿا، پاڪ فوج جا جوان ملڪ خاطر قربانيون ڏئي رهيا آهن، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير پنهنجي صوبي ۾ امن امان قائم رکڻ بدران احتجاج تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، بهتر ٿئي ها ته علي امين گنڊاپور پنهنجي ماڻهن جي ڳوڙهن کي اگهي ها، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ پي ٽي آءِ جو احتجاج غير قانوني آهي، هاڻي جيڪو به ايندو گرفتار ٿيندو، ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن کي نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو، جن آفيسرن سياسي سرگرمين ۾ حصو ورتو انهن سان سختي سان پيش اچبو. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان ۾ مختلف ملڪن مان سيڙپڪاري اچي رهي آهي، اسان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي، مهانگائي گذريل سال 32 سيڪڙو هئي جيڪا هن سال گهٽ ٿي 6.9 سيڪڙو تي اچي چڪي آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ پرڏيهه مان 8.8 ارب ڊالرن جوناڻو پاڪستان آيو، وياج جي شرح گهٽجي 15 سيڪڙو تي اچي وئي آهي جنهن سان معيشت ۾ بهتري اچي رهي، هن چيو ته سيڙپڪاري وڌندي آهي ته معاشي اهڃاڻ مثبت ٿيندا آهن، ڪو الزام انهن انگن اکرن کي رد نٿو ڪري سگهي، سڄي دنيا انهن کي تسليم ڪري ٿي. اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ پوري دنيا ۾ ٻي نمبر تي اڀرندڙ اسٽاڪ مارڪيٽ بڻجي چڪي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري جي علامت آهي. وفاقي وزير چيو ته هي رڳو اتفاق آهي ته جڏهن به ڪو ملڪ پاڪستان ۾ تعاون وڌائڻ چاهي يا سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو ان وقت پي ٽي آءِ طرفان احتجاج جو سڏ ڏنو وڃي ٿو؟پي ٽي آءِ ماضي ۾ چين جي صدر جي دوري جي موقعي تي احتجاج ۽ ڌرڻو هنيو، ان کانپوءِ ايس سي او دوران احتجاج جو اعلان ڪيو، هاڻي بيلاروس جو صدر پاڪستان اچي رهيو آهي، ان موقعي تي به هنن احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته بيلاروس پاڪستان جو بهترين دوست آهي، ٻئي ملڪن پاڪستان ۾ ٽريڪٽر مينيوفيڪچرنگ ڪرڻ چاهي رهيا آهن. هن چيو ته هڪ طرف اسلام آباد انتظاميه شهر جي سجائي رهي آهي، پاڪستان ۽ بيلاروس جا جهنڊا لڳائي رهي آهي ته ٻي طرف اهي پنهنجي شهر جي سيڪيورٽي لاءِ پريشان آهن، ڇا اهو نظام گڏ هلي سگهي ٿو؟ عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ سان ڪنهن به سطح تي ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، ان جي ۽ پاڪستان دشمنن جي هڪ ئي سوچ آهي. گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي تعميل ڪندي صرف هڪ ڀيرو بئريسٽر گوهر سان رابطو ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته اسلام آباد جي هاءِ ڪورٽ جي حڪمن موجب وفاقي گادي واري هنڌ ۾ ڪنهن به قسم جو احتجاج، ڌرڻو يا ريلي غير قانوني آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي تعميل ٿي چڪي آهي ۽ پي ٽي آءِ کي ٻڌايو ويو آهي ته احتجاج غير قانوني آهي، هاڻي جيڪو به احتجاج لاءِ ايندو اهو گرفتار ٿيندو، ڪيس ٿيندا ان ۾ ڪا به ڪنفوزن ناهي، واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن، ڪنهن کي به امن امان هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ڪنهن کي به اجازت نه هوندي ته اهو سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن سميت شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائي. بئريسٽر گوهر سان هڪ ڀيرو ان ارادي سان رابطو ٿيو ته احتجاج غير قانوني آهي جيڪو ايندو گرفتارٿيندو. هن چيو ته غير قانوني احتجاج ۾ هاڻي جيڪو به ايندو ان خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ٿيندي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته بيلاروس جي صدر جي دوري جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، انتظامن ۽ تيارين تي بريفنگ به ڏني ويندي. وفاقي وزير چيو ته ڪرم ايجنسي مان 37 لاش ڪيرايا ويا پر خيبرپختونخوا جو وڏو وزير اتي وڃڻ جي تڪليف به نٿو ڪري. اڊيالا جيل هو روزاني جي بنياد تي وڃڻ چاهي ٿو پر هن ڪرم وڃي مارجي ويلن ۽ زخمين جي وارثن جا ڳوڙها نه اگهيا، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير اهو به نه ڪيو ته هو ڪرم ايجنسي وڃي ۽ چوي ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ چاهيان، جاچ ڪرائڻ چاهيان ٿو. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا ۾ پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا آفيسر ۽ اهلڪار امن جي قيام لاءِ آيا ۽ روز پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن. ڇا اسان جا اهلڪار اهي قربانيون ان لاءِ ڏئي رهيا آهن ته اهو صوبو وفاق تي ڪاهه ڪري؟پاڪ فوج جا اهلڪار روز شهيد ٿي رهيا آهن، هن ئي فوج جي اداري کي توهين جو نشانو بڻائيندا آهن. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ امن جي قيام جي ذميواري اتي جي پوليس جي آهي، پي ٽي آءِ جي حڪومت جو ڪم هو ته پوليس کي مضبوط ڪري ها ۽ کين جديد اوزار فراهم ڪري ها، پوليس اهلڪارن جي تربيت ڪرائي وڃي ها ته دهشتگردي جو مقابلو ڪيئن ڪرڻو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته سويلين ۽ فوجين جا لاش ڪريل آهن ۽ اهي اسلام آباد تي ڪاهه چاهين ٿا. عطاءُ الله تارڙ وڌيڪ چيو ته اڃان بشريٰ بي بي سعودي عرب خلاف بيان ڇو ڏنو.؟ کيس عالمي لاڳاپن جو به تجربو ناهي پر اهي ڳالهيون ان لاءِ ڪيون آهن ته پاڪستان جا دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ٿين ۽ ترقي جو سفر رڪجي وڃي، ان کانسواءِ ان جو ڪو مقصد نه هو. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته هي پنهنجي صوبي خيبرپختونخو تي ڌيان ڏين ۽ اتي روز لاش ڪري رهيا آهن، امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائين، قربانيون ڏيندڙن جي عزت ڪرڻ سکن، وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ واضح ڪيوته اسلام آباد ۾ ڪنهن کي به احتجاج يا امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، سخت ترين ڪارروائي ڪنداسين، اسان جا پرڏيهي مهمان به اچي رهيا آهن جن کي اسان ڀليڪار چونداسين، ان لاءِ بهتر ٿيندو ته اهي خيبرپختونخوا ۾ امن امان تي ڌيان ڏين. وفاقي وزير چيو ته عوام به انهن جي ارادن کي ڏسي چڪو آهي، اهي سوڪالڊ انقلابي گهرن ۾ ويهي جيڪو مرضي ڪندا رهن، جيڪو به احتجاج لاءِ ٻاهر نڪرندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ گروپ بندي ڪافي وڌي چڪي آهي، نڻان ۽ ڀاڄائي جا ڌار ڌار گروپس آهن، پي ٽي آءِ عليمه گروپ، نورين گروپ، بشريٰ بي بي گروپ ۾ ورهائجي چڪي آهي، صورتحال سس، ننهن، نڻان ۽ ڀاڄائي واري ٿرڊ ريٽيڊ ڊرامن کان به وڌيڪ خراب ٿي چڪي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته جنهن ملڪ مان اهي تحفا ڀري ڀري آڻيندا هئا اڄ انهي خلاف ڳالهائي رهيا آهن. هن چيو ته مسجد نبوي ۾ پي ٽي آءِ وارن احتجاج جهڙي مڪروه حرڪت ڪئي، پي ٽي آءِ هميشه ڏڦيڙ پکيڙيو، دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مذهب ۽ سياست کي مڪس نه ٿيڻ گهرجي، اسان جو آئين هر شيءَ جي باري ۾ بلڪل واضح آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان رائيٽ سائيزنگ جي هڪ ڪميٽي ٺهي آهي جنهن جي سربراهي ناڻي وارو وزير ڪري رهيو آهي، پي ڊبليو ڊي جو ادارو بند ڪيو ويو آهي، هاڻي اهو ئي ڪم صوبائي حڪومتن کان ڪرايا ويندا، ڪيترن ئي سئو ارب روپين جي ليڪيج هئي، ايف بي آر جا سڌارا اوهان آڏو آهن، تمام گهڻيون شيون آٽومشن تي هليون ويون آهن، هڪ سوال تي هن چيو ته دهشتگردي خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قربانيون ڏئي رهيا آهن، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير امن امان تي بلڪل ڌيان ناهي ڏنو، تحريڪ انتشار 9 مئي تي باهيون ڏنيون، ان جي جلسن، ڌرڻن ۾ عورتن سان بدتميزي ڪئي ويندي آهي، جڏهن ڪجهه نٿو ملي ته اهي وڻن کي باهيون ڏئي ڇڏيندا آهن، پوليس تي پٿراءُ ڪندا آهن، انهن جي پرامن رهڻ جي گارنٽي ڪير ڏيندو؟ اهي پنهنجي گارنٽي نٿا ڏئي سگهن.اهي بار بار چئي رهيا آهن ته ڳالهيون ڪريو، انهن جو مهانگائي، معيشت، فارن رليشنز سان ڪوبه واسطو ناهي، اهي بس هڪ ئي ڳالهه ڪن ٿا ته اسان جي ليڊر کي آزاد ڪريو، هي عدالتي معاملا آهن، غير قانوني احتجاج جي بلڪل اجازت ناهي، اهي پشاور ۾ احتجاج ڪن، انهن جي پارٽي اندر پنهنجا ماڻهو نٿا چاهين ته سندن اڳواڻ ٻاهر اچي. خيبرپختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور جيترو کلي ڳالهائيندي اوتري ان جي نااهلي سامهون ايندي. وفاقي وزير هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ چيو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جو سمورو ڌيان سياست تي آهي، نوجوانن لاءِ ڪو به پروگرام شروع نه ڪري سگهيو، صحت جي تعليم جي شعبن تي ان جو فوڪس ناهي، صوبي ۾ تباهي ٿي رهي اهي، هن چيو ته اپيڪس ڪميٽي ۾ به کيس سمجهايو ويو ته معاملا اهڙي طرح نه هلندا، عوام جي ان خلاف ڪاوڙ وڌي رهي آهي. هڪ نه هڪ ڏينهن هو ان جو گلو پڪڙي جواب گهرندا. عطا الله تارڙ چيو ته ڪنهن به ملڪ سان لاڳاپا سنجيدگي وارا هوندا آهن، پي ٽي آءِ وارا ٻڌائين ته پهرين غلامي نامنظور هئي ۽ هاڻي غلامي منظور آهي؟ اسان ته اسٽيٽ ٽو اسٽيٽ هلندا آهيون، اسان ته بلڪل سنجيده معاملا ڳالهين سان حل ٿيندا، رياستن وچ ۾ غير سنجيده ڳالهيون ناهن ٿينديون. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪ فوج ڀرپور طريقي سان سرگرم عمل آهي. وفاقي حڪومت ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، صوبي کي به پنهنجي ذميواري جو احساس ڪرڻ گهرجي، پوليس فورس کي سياسي معاملن تان هٽائي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ تي لڳائڻ گهرجي.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام
متعلقہ مضامین
مزید خبریں