بابا گرونانڪ مذهبي رواداري ۽ بين المذاهب هم آهنگي جو بهترين مثال هو: گهرو وزير محسن نقوي

image

اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بابا گرونانڪ ديوجي جي جنم ڏڻ تي سک برادريءَ کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته بابا گرونانڪ انسانيت سان پيار، مساوات ۽ همدرديءَ جو پيغام عام ڪيو، بابا گرونانڪ مذهبي رواداري ۽ بين المذاهب هم آهنگي جو بهترين مثال هو. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته بابا گرونانڪ جي جنم ڏڻ ۾ شرڪت لاءِ سڄي دنيا مان آيل سک ياترين کي ڀليڪار چئون ٿا. وفاقي وزير چيو ته برطانيه، آمريڪا ۽ ڪئنيڊا جا پاسپورٽ رکندڙ سک برادريءَ لاءِ آن لائن فري ويزا جي سهولت ڏني وئي آهي، پوري ڪوشش آهي ته سک برادري لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وڃن. وفاقي گهرو وزير واضح ڪيو ته آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ٽورنامينٽ لاءِ به سک برادري لاءِ خاص ڪوٽا رکي وئي آهي. هن چيو ته سک برادريءَ کي مذهبي رسمن جي ادائگي لاءِ هر طرح جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. گهرو وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ سمورن اقليتن جي حقن جو تحفظ اسان جو فرض آهي.

مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم
متعلقہ مضامین
مزید خبریں