نگران وزيراعظم ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر جي ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي

image

ابوظهبي – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ سومر ڏينهن گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، ثقافتي، دفاع ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ توانائي، پورٽ آپريشنز جي منصوبن، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ، فوڊ سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، کاڻين جي کوٽائي، ايوي ايشن ۽ بئنڪنگ اينڊ فنانس سروسز جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون وينديون.

مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں