عراق ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

image

اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عراق ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ گڏيل مذهب ۽ ثقافت ۽ مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار عراق جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمد ذيشان احمد سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته عراق ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ عراق مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي ۽ واپاري رابطن کي فروغ ڏئي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته نامزد سفير عراق ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ زائرين جي سهولت تي خاص ڌيان ڏي. صدر نامزد سفير کي عراق ۾ پاڪستاني سفير طور تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات
متعلقہ مضامین
مزید خبریں