اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ا??پي??ر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حل ل??ءِ تحقيق ۽ مڪالمي تي ٻڌل قانونسازي اڻٽر آهي، موجوده پارليامينٽ ۾ تحقيقي مقصدن لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ محققين ۽ تعليم جي ??اه??ن کي دعوت ڏني ويندي آهي ۽ انهن جي راءِ کي قانونسازي ۽ پاليسي سازي ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اهتمام هيٺ ”ماحول کي محفوظ بڻائڻ لاءِ حصيداري“ جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ مڪالمي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو، مڪالمي ۾ اسڪالرز، محققين تعليمي ??اه??ن ۽ سول سوسائيٽي ۽ ميڊيا جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي جي ا??پي??ر چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ل??ءِ اسان کي پنهنجي ذات ۽ ذاتي مفادن کان مٿانهون ڪري سوچڻو پوندو، هن چيو ته هن وقت ملڪ کي ماحولياتي تبديلين سميت ڪيترائي چئلينج درپيش آهن جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي هڪ قوم بڻجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.