اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي يوم عاشور جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو آهي ته يوم عاشوره جو ڏينهن ان عظيم قرباني جي ياد ڏياري ٿو جيڪا نواسه رسول حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين دين جي حفاظت ۽ حرمت جي لاءِ پيش ڪئي، حضرت امام حسين رضه جي عظيم قربانين مان اسا?? کي زندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي ملي ٿي ۽ جيڪڏهن رسول صه جي ڏوهٽي جي جدوجهد جي انهن رخ?? کي نظر ۾ رکندي پنهنجي رستي جو تعين ڪيو وڃي ته معاشري کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن تي آساني سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته ڪربلا واقعو اسا?? کي اهم ترين سبق ڏي ٿو ۽ معاشري ۽ رياست جا معاملا ڪجهه ماڻهن يا ڪنهن گروهه جي خواهشن ??ي تابع نٿا ڪري سگهجن ڇو ته انهن معاملن جو سڌو سنئون تعلق شرفِ انسان??، آزادي ۽ انسانيت جي ڀلائي جي عظيم مقصدن ۾ آهي جنه?? کي مذهب اسلام جي رهنما اصولن تحت مشاورت ۽ اجتماعيت جي ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو.