اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جي لاءِ قانونسازي ۾ ۽ ڪشمير مسئلي تي هڪ جهڙو موقف اختيار ڪري ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر هن ايوان ۾ ايف اي ٽي ??يف تي قانونسازي ۽ ڪشمير جي معاملي تي ذميواري جو مظاهرو ڪيو. ايف اي ٽي ??يف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جي لاءِ هي قانونسازي ضروري هئي. گري لسٽ جو تحفو ورثي ۾ مليو. جون 2016ع ۾ پاڪستان گري لسٽ ۾ وڃي چڪو هو جڏهن ته ان مان نڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيو. ڀارت پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ ڌڪڻ چاهيندو هو. اسان ڀارتي ارادا ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون. ايف اي ٽي ??يف جي اجلاس ۾ پاڪستان پاران اڳڀر??ئي جو اعتراف ڪيو ويو جڏهن ته وڌيڪ قانونسازي ايف اي ٽي ??يف جي ضرورت هئي. ان قانونسازي ۾ پاڪستان مسلم ليگ ۽ اپوزيشن جيڪو ڪردار ادا ڪيو، مثبت قدم کنيو اها خوش آئ??ده ڳالهه آهي. جمهوريت جي ارتقا جي عڪاسي آهي. ڪجهه پارٽيون سياسي مفادن ۽ تنگ نظري کان مٿانهون ٿي ان جو ساٿ ڏين ها ته ان جو نقصان نه ٿئي ها ملڪ کي فائدو ٿئي ها. ڪشمير تڪرار تي ڪا ٻي راءِ نه آهي. سمورين حڪومتن ڪشمير مسئلي تي هڪ جهڙائي ڏي??اري. سياسي سوچ جدا هجڻ جي باوجود سينيٽ ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ متفقه قرارداد پيش ڪئي وئي. اهو انهن ڪشميرين جي لاءِ پيغام آهي هو جيڪي اميد ڪن ٿا ته درد ۽ ڪرڀ جي ان صورتحال ۾ پاڪستاني ??وا?? انهن سان گڏ بيٺل هوندي.