لاهور / اسلام ??باد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمارٽ لاڪ ڊائون ئي پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ ڪورونا وائرس کي منهن ??يڻ جو واحد حل آهي، ڪورونا جو ڦهلاءُ به روڪڻو آهي ۽ معيشت جو ڦيٿو هلائڻو آهي ته جيئن غريب تي بار نه پوي، عوام ??حتياط نه ڪيو ته مشڪل صورتحال کي منهن ??يڻو پوندو، عوام ??حتياط نه ڪيو ته ان لاءِ وائرس تيزي سان پکڙيو، هاڻي لاڪ ڊائون نه ڪنداسين پر مخصوص ايرياز بند ڪرائينداسين ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۽ ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ سختي ڪنداسين، عوامي جاين تي ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، عوام ??ي مٿان آهي ته احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري حالتن کي بگڙڻ کان بچائي، صوبن جا دورا به ڪندس ۽ ڪورونا جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد کي پاڻ مانيٽر ڪندس. هو پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس کانپوءِ ڳال??ائ?? رهيو هو.