اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) ڪورونا ??ائرس جي وبا جي وڌندڙ رجحان سبب سينيٽ چيئرمين محمد صا??ق سنجراڻي 5 جون کان شروع ٿيندڙ سينيٽ جي اجلاس جي لاءِ صحت واري وزارت ۽ صحت جي عالمي اداري پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي مڪمل عم??در??مد جي هدايت ڪئي آهي ۽ اجلاس منعقد ڪرڻ جي لاءِ موثر انتظامن جي پڻ هدايت جاري ڪئي آهي. انهن انتظامن موجب پارليامينٽ جو اجلاس باقاعده طور تي پاڪستان ٽيليويزن ذريعي سڌوسنئون نشر ڪيو ويندو ته جيئن ميڊيا جي نمائندن کي ڪوريج جي لاءِ م??بادل ذريعو ملي سگهي. ميڊيا جي نمائندن کي گذارش ڪئي ويندي ته اجلاس جي ڪارروائي لاءِ پي ٽي وي ٽرانسميشن مان فائدو کڻن.