اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) گ??ري?? 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس (ڪوويڊ 19) جي تشخيص جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ 14 هزار 878 ٽيسٽ ڪرڻ ۽ هيستائ??ن ٽيسٽ جي صلاحيت ۾ 27 ڀيرا وڌيڪ اضافي تي ا??مينان جو اظهار ڪندي ٽيسٽ صلاحيت ?? وڌيڪ اضافي جي لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ اعليٰ سطحي ا??لاس ٿيو.