اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اع??اڻ چيو آهي ته مخالف ڌر تنقيد سان گڏ تجويزون به ڏي، تنقيد براءِ تنقيد مسئلي جو حل نه آهي، سموريون سياسي پارٽيون حڪومت سان ڪلهوڪل??ي ۾ ملائي هلن، ڪرونا کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ قومي هم آهنگي طرف وڃڻ جي ضرورت آهي. هو وفاقي ڪابي??ا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ دوران ڳالهائي رهي هئي. وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اع??اڻ چيو ته مخالف ڌر اڳ??اڻ جو خطاب حسين خواهشن تي ٻڌل روڊ ميپ هو جيڪو ميديا ذريعي قوم آڏو پيش ڪري حڪومت کي هدايت ڏني وئي ته اهي قدم فوري طور تي کنيا وڃن.