اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته اسا?? جو سڀ کان قيمتي اثاثو اسان جا نوجوان آهن ۽ نوجوان آبادي جو فائدو ??ڏه?? ٿيندو جڏهن اسان انهن کي تعليم ۽ هنر ڏينداسين، مديني جي رياست اسان جي لاءِ رول ماڊل آهي جنهن جي بنياد تي هڪ اهڙي عظيم تهذيب جو بنياد پيو جنهن 700 سالن تائين دنيا جي قيادت ڪئي، معاشري جي ڪمزور طبقن کي اڳتي وٺي وڃڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، غريب ۽ مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا جاري ڪرڻ مديني جي رياست جي ماڊل جو تسلسل آهي، احساس جي تحت سموريون اسڪيمون ميرٽ ۽ شفافيت جي بنياد تي اڳتي وڌائي رهيا آهيون، ان ۾ سياسي عمل دخل نه هوندو، احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام سان پاڪستا?? جو بهترين ٽيلينٽ سامهون ايندو. احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خا?? اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪرڻ تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا ??يڻ جو هيستائي?? جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي جنهن سان کيس دلي خوشي ٿي آهي.