اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چ??و آهي ته ريڊيو پاڪستان دنيا جي جديد ٽيڪن??لا??ي سان واڳيل ريڊيو سان ڳنڍجي پاڪستان جي بيانيي کي دنيا سان ڳنڍڻ ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري ره??و آهي، و??لا??يل ڪشمير ۾ انٽرنيٽ، ٽي وي چينلز، سوشل ميڊيا ڪيترن ئي مهينن کان بند آهي، اهڙي صورت ۾ ريڊيو پاڪستان ڪشميرين کي ۽ انهن جي جذبن کي دنيا سان ڳنڍڻ جو ذريعو بڻجي ره??و آهي. هو پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۾ ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان ٻه نغما جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.