اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خطي ۾ ڪنهن به تڪر??ر جو حصو نه بڻجڻ جو واضح اعلان ڪندي چيو آهي ته ماضي ۾ علائقائي تڪرارن جي ڪري پاڪس??ان تمام گهڻو نقصان کنيو آهي، هاڻي ڪنهن به تڪر??ر جو حصو نه بڻجندو پر سدائين امن جي حصيدار طور ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن اها ڳالهه عمان جي اوقاف ۽ مذهبي معاملن واري وزير شيخ عبدالله بن محمد بن عبدالله اسالمي سان ملاقات ۾ چئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان سلطان قابوس بن سيدالسيد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.