اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته چونڊ سڌارا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جو عمل جلد مڪمل ڪي?? وڃي. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت هن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي حوالي سان ٿيندڙ بريفنگ دوران ڏني. وزيراعظم کي چونڊ سڌارن جي ڏس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعم??ل ۽ قانونسازي جي حوالي سان هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو چونڊ عمل ۾ استعمال ۾ شفافيت ۽ سڀني آئيني گهرجن کي پورو ڪرڻ جي هدايت ڏيندي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪي?? ته موجوده حڪومت ملڪ جي چونڊ عمل ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پرعزم آهي.