سرگوڌا – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪست??ن ۾ ڪنهن ڪمزور طبقي لاءِ نه سوچيو، موجوده حڪومت پهريون ڀيرو عام ماڻهن کي گهرن جي فراهمي لاءِ قرض ڏنا، حڪومت جو ڪم عوام جي مفاد?? جو تحفظ ڪرڻ آهي، کنڊ جي قيمت ۾ اضافي جي جاچ ڪرائي ته خوفناڪ شيون سامهون آيون، ڪنهن جا خدشا آهن ته جائزو وٺي سگهن ٿا پر قانون جي بالادستي تي ڪو به ٺاهه نٿو ٿي سگهي، طاقتور کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ کانسواءِ ترقي نٿي ٿي سگهي جنهن معاشري ۾ انصاف ناهي هوندو اتي غربت هوندي آهي. سرگوڌا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪست??ن ۾ ڪنهن ڪمزور طبقي لاءِ گهر ٺاهڻ جو نه سوچيو، وزيراعظم جوڻيج?? جي دور ۾ منصوبو ٺاهيو ويو پر ناڪام ٿي ويو، حڪومت ماڻهن کي مفت گهر نٿي ڏي سگهي پر بئنڪن جي ذريعي سهولت فراهم ڪري سگهي ٿي ته جئين عام ۽ غريب ماڻهن کي گهر جي تعمير لاءِ رقم دستاب ٿي سگهي، پهرين بئنڪون عام ماڻهن کي قرض نه ڏينديون هيون، هائوسنگ لاءِ قرض ڏيڻ جي راهه ۾ قانوني رڪاوٽ هئي جنهن کي اسان ختم ڪري ڇڏيو. ??ن ۾ ٻه سال لڳي ويا، گهر ٺاهڻ لاءِ بئنڪن جي شرڪت نهايت ضروري هئي، بئنڪن کي ان منصوبي ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ضروري قانونسازي ڪئي وئي، وزيراعظم چيو ته هاڻي بئنڪن جي عملي کي تربيت ڏني پئي و??ي ته ڪهڙي طرح هو غريب ماڻهو کي سهولت فراهم ڪن، حڪومت گهر جي تعمير تي ٽي لک سبسڊي به ڏئي رهي آهي ۽ ان سان گهر?? جون قسطون گهٽ ٿي وينديون، هڪ عام ماڻه?? جيڪو رقم پنهنجي گهر جي مسواڙ جي مد ۾ ڏيندو آهي اها ئي رقم بئنڪ کي قرض جي قسط جي صورت ۾ ادا ڪري پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهي ٿو. جهانگير ترين ۽ سندس حمايت ڪندڙ ڪجهه ميمبرن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته هو ميمبرن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار آهي پر سوا سال ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 26 روپي?? جو اضافو ٿيو جنهن سان عوام جي کيسي مان 126 کان 140 ارب روپيا نڪري شوگر ??لز مالڪن جي جيب ۾ هليا ويا، وزيراعظم چيو ته حڪومت جو عوام جي مفاد?? جو تحفظ ڪرڻ هوندو آهي، اسان جڏهن ايف آءِ اي کان ان معاملي جي انڪوائري شروع ڪرائي ته خوفناڪ شيون سامهون آيون ته خبر پئي ته ڪيئن ڪارٽلز ٺاهي اهي عوام جو رت چوسين ٿا، ٽيڪس چوري ڪن ٿا، انڊر ڊڪليئر ڪندا آهن.