عاشق حسين ساند
حيدرآباد – 20 فيبروري (اي پي پي) صنعتي شعبو ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار جو حامل هئڻ سميت روزگار فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پاڪستان ??ي صنعتي شعبي ۾ ٻين صنعتن سان گڏ ٽيڪسٽائل ۽ ڪپڙي ٺاهڻ جي صنعت ??ڻ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي جيڪا قومي معيشيت جي مضبوطي ۽ روزگار فراهم ڪرڻ جو اهم ذريعو بڻيل آهي. پاڪستان ??حريڪ انصاف جي حڪومت اقتدار ۾ اچڻ بعد ٽيڪسٽائل جي شعبي تي خاص طور تي ننڍين صنعتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ هاڪاري قدم کنيا آهن جنهن جا حوصلائتا نتيجا پڻ ملي رهيا آهن.
سنڌ صوبي جي سانگهڙ ضلعي کي ٽيڪسٽائل خاص طور تي ??او?? لومز جي حوالي سان وڏي اهميت حاصل آهي. سانگهڙ ضلعو بهترين معيار ۽ گه??ي مقدار ۾ ڦٽي پيداوار ڏيندڙ ملڪ جو سڀ کان وڏو ضلعو آهي ان ??لعي جي اهم شهر ٽنڊو آدم ۾ ??او?? لومز گهريلو صنعت گذريل 50 سالن کان قائم آهي ۽ هزارين پورهيت ان ??نعت سان واڳيل آهن جنهن سان نه رڳو انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ملي رهي پر ان ??ان گڏ ملڪ کي قيمتي پرڏيهي ناڻو پڻ حاصل ٿي رهيو آهي
پاڪستان ??مال يونٽس ??او?? لومز ايسوسيئيشن جي زونل سيڪريٽري محمد صابر انصاري ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته وزيراعظم پاڪستان ??مران ??ان ??رفان ننڍين صنعتن کي هٿي ڏيارڻ وارن قدمن سان ننڍين صنعتن جي شعبي ۾ بهتري ايندي، لاڪ ڊائون دوران ??جلي جي بلن جي مد ۾ 3 مهينا رعايت سان ??کون ڪاٽڻ کان ??چي وياسين ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهياسين. هن چيو ته ڪپڙو ٺاهڻ واري صنعت ۽ ٽيڪسٽائل جو شعبو ملڪي معيشيت ۾ سڀ کان ??هم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سانگهڙ ضلعي جي شهر ٽنڊوآدم ۾ 500 کان وڌيڪ ??او?? لومز جا ننڍا وڏا يونٽ ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ 7000 جي لڳ ڀڳ ڪپڙي ٺاهڻ جو مشينون لومون هلندڙ آهن جن ۾ 10 هزار کان وڌيڪ پورهيت ڊيلي ويجز بنيادن تي ڪم ڪن ٿا ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو گذر سفر ڪن ٿا،
هن ٻڌايو ته دنيا جي ٻين ملڪن مان گهرايل داڳو ڪراچي پهچڻ بعد اسان ??ريد ڪندا آهيون ۽ هتي صرف انهن مشينن ذريعي پولسٽر، اسٽيپل، جارجهٽ، کاڌي، ڪاٽن، سائزنگ ۽ مڇر دانين سميت ٻين مختلف قسمن جو ماهوار 2 ڪروڙ ميٽر ڪچو ڪپڙو تيار ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو ڪپڙو ڪراچي ۽ حيدرآباد اماڻيو وڃي ٿو جتي ان ??ي فنشنگ بعد اهو ڪپڙو، آمريڪا، برطانيه، جرمني، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ڏانهن اماڻيو وڃي ٿو جنهن سان قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمايو وڃي ٿو. جڏهن ته انهن سمورن يونٽس تي بجلي جي مد ۾ ڪابه رهت ناهي ۽ ماهور لڳ ڀڳ اڍائي ڪروڙ رپين جا بل وقت تي حيسڪو کي ادا ڪيا وڃن ٿا. لاڪ ڊائون دوران ??جلي جي بلن جي مد ۾ 3 مهينا رعايت واري عمل تي وزيراعظم پاڪستان ??ميت وفاقي حڪومت جي واکاڻ ڪندي هن چيو ته اهڙي عمل سان هو بکون ڪاٽڻ کان ??چي ويا ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهيا نه تي هو زبون حالي جو شڪار ٿي وڃن هان. هن چيو ته ماضي جي حڪومتن ننڍين صنعتن ڏانهن ڏيان نه ڏنو جنهن سبب اهي صنعتون ڪا جوڳي ترقي نه ڪري سگهيون پر موجوده حڪومت جي هاڪاري قدمن سبب ان ??عبي ۾ ترقي ٿيندي ۽ ملڪي معيشيت مضبوط ٿيندي. هن چيو ته صنعتي شعبو ڪنهن به ملڪ مان ??يروزگاري جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو اهڙي ريت ??او?? لومز جو شعبو پڻ ملڪ اندر روزگار فراهم ڪرڻ سميت ملڪي معيشيت جي مضبوطي جو سبب بڻيل آهي.
هن ٻڌايو ته ٽنڊوآدم ۾ ??او?? لومز جو شعبو گذريل 50 سالن کان 10 هزار ماڻهن کي روزگار فراهم ڪري رهيو آهي ڪپڙي جي صنعت ٽنڊوآدم جي سڀ کان وڏي صنعت آهي جنهن جي هجڻ سان ٽنڊوآدم شهر ۾ بيروزگاري ناهي. هن مطالبو ڪيو ته پورا بل پيارڻ کي نظر ۾ رکندي سندن فيڊر کي لوڊ شيڊنگ فري قرار ڏنو وڃي ۽ داڳي جي گهٽتائي سبب مليل آرڊر پورا نه ٿي رهيا آهن ان معاملي ڏانهن به خاص ڏيان ڏنو وڃي ۽ مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ جوڳي ڇوٽ ڏني وڃي ته جيئن هو ملڪي معيشيت جي واڌاري ۽ ملڪي ترقي ۾ اڃا به وڌيڪ ڪردار ادا ڪري سگهن.
??او?? لومز مالڪن ٻڌايو ته اسان ??ي شهر ۾ ننڍي وڏي پيماني تي هلندڙ اها صنعت وڏي انگ ۾ افرادي سگهه جو سهارو بڻيل آهي ۽ ان ??ان ڳنڍيل ٻيا به ڪيترائي شعبا ڦن ترقي ڪري رهيا آهن ان ??والي سان ??او?? لوم مالڪ ساجد انصاري ٻڌايو ته اسان ??ي شهر ۾ ??او?? لومز جي شعبي ۾ هزارن جي انگ ۾ پورهيت ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان ??نهن جي گهر جون چلهيون ٻري رهيون آهن. ??او?? لومز ۾ تيار ٿيندڙ ڪپڙو ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڃي ٿو ۽ تيار ٿيڻ ان ??و روانگي واپار ??ڻ ڪيو وڃي ٿو هن ٻڌايو ته ??او?? لومز ۾ جهار جهٽ، پوليسٽر، ململ، اسٽيپل، کاڌي ۽ ٻين مختلف قسمن جو ڪپڙو تيار ڪيو وڃي ٿو جنهن جي عوام ۾ تمام گهڻي گهرج رهي ٿي.
ان ??والي سان هڪ ٻئي مالڪ شڪيل احمد انصاري ٻڌايو ته اسان ??ي علائقي ۾ هزارن جي انگ ۾ ننڍيون وڏيون ??او?? لومز لڳل آهن جيڪو هزارين ماڻهن لاءِ روزگار جو ذريعو بڻيل آهي ۽ ان ??ان ٻين شعبن ۾ ??ڻ ڪم ڪرڻ جا موقعا وڌي رهيا آهن. گڏهه گاڏين، ريڙهي گاڏين، ٽرڪن ۽ ڊاٽسن سميت ٻئي ٽرانسپورٽ پڻ ان ??عبي سبب پنهنجو روزگار ڪري رهي آهي.
هوڏانهن ??او?? لومز ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جو چوڻ آهي ته سندن ڪٽنب جي سمورين گهرجن کي پورو ڪرڻ سميت هن صنعت سبب سندس گهر جو چلهو ٻري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته هو ڏهاڙي تي ڪم ڪن ٿا ۽ کين 12 ڪلاڪن جي ڊيوٽي ڪرڻ تي 500 رپين کان 700 رپيا اجورو ملي ٿو. هنن جو چوڻ هو ته بي شڪ اها اجرت گهٽ آهي جنهن سبب بهتر صحت، بهتر تعليم سميت ٻين سهولتن جي حوالي سان مشڪلاتون درپيش آهن جن ڏانهن لاڳپيل ادارن کي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي
پر تنهن هوندي به اها ڳالهه فخر سان چئي سگهجي ٿي ته ٽنڊوآدم سميت صوبي جي ٻين علائقن ۾ قائم ??او??لومز جي صنعت نه رڳو روزگار جي فراهمي جو وڏي ذريعو آهي پر ان ??ان گڏو گڏ ملڪي معيشيت کي هٿي ڏيڻ ۾ پڻ اهم وسيلو بڻيل آهي.