اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طل?? ڪري ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ (يو اين ايم او جي آءِ پي) جي مبصرن جي گاڏي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ تي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو ??يو، گڏيل قومن جي مبصرين گذريل ڏينهن ايل او سي جي چيريڪ??ٽ سيڪٽر ۾ ڀارت پاران جنگ بندي جي خلاف ورزي جي متاثرين سان ملاقات لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي پولس ڳوٺ وڃي رهيا هئا، خوش قسمتي سان گاڏي ۾ موجود ٻنهي مبصرين کي ڪو به نقصان نه پهتو ۽ پاڪ فوج کين حفاظت سان بچائي راولاڪوٽ پهچايو، تنهن هوندي به انهن جي گاڏي کي نقصان پهتو، ا??و حملو ڄاڻي واڻي ڪيو ??يو ??و ڇو ته گڏيل قومن جي گاڏي، مخصوص نشان ۽ نيلي رنگ جي جهنڊي جي ڪري پري کان به واضح طور تي سڃاتي ويندي آهي.