اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت جو صحت سهولت جو پروگرام سماجي صحت جي تحفظ جو هڪ عالمگير فليگ شپ پروگرام آهي، جن??ن وسيلي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن کي علاج جي مفت سهولتن جي فراهي يقيني بڻائي ويندي آهي. اهو پروگرام انڊور پي??نٽ جي سارسنڀال ۽ علاج لا??ِ آهي تنهن هوندي به مستقبل ۾ ان جو دائرو آئوٽ ڊور مريضن تائين وڌايو ويندو. مستحقين جي چونڊ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ڪئي ويندي آهي جن??ن جي نادرا تصديق ڪندو آهي، سرڪاري ذريعن موجب قومي خوشحالي سروي جي ذريعي غربت بابت ڊيٽابيس کي شامل ڪيو ويندو، 2016ع کان 2018ع جي دوران ان پروگرام جي پهرين مرحلي جو آغاز ڪيو ويو جن??ن جو مرڪز غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ خاندان آهن. ان پروگرام تحت گهٽ خرچ وارين بيمارين جي لا??ِ ساليانو 50 هزار جڏهن ته 2 لک 50 هزار روپيا هر ان خاندان کي فراهم ڪيا پي?? وڃن جن ۾ 7 ترجيحي بيمارين مان ڪنهن هڪ جي نشاندهي ٿيندي، ان عرصي دوران اهو پروگرام سڄي ملڪ جي 38 ضلعن ۾ شروع ڪيو ويو جن??ن ۾ 32 لک خان??ان?? کي پهچ ڏني وئي آهي. 2019ع ۾ ان پروگرام جي ٻئي مرحلي جو آغاز ڪيو ويو، ان پروگرام تحت اهڙيون بيماريون جن??ن جا گهٽ خرچ آهن في خاندان 60 هزار روپيا جڏهن ته اهڙين بيمارين جن??ن جا خرچا وڌيڪ ايندا هجن انهن تي في خاندان 3 لک روپيا ڏنا ويا ۽ ان جو دائرو 92 لک خان??ان?? تائين وڌايو ويو، اهو پروگرام آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت گلگت بلتستان، پنجاب، ٿرپارڪر ۽ خيبرپختونخواهه جي پٺئتي پيل ضلعن جي ضرورتمند خان??ان?? کي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، قومي صحت ڪارڊ جي پروگرام ۾ مريضن جا آپريشن، دل جي مريضن کي اسٽنٽس وجهڻ، ڪينسر جي مريضن جي علاج، نيورو سرجيڪل پروسيجر، باهه سبب سڙيل مريضن جو علاج، حادثن ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهو، گردي جي مريضن جي لا??ِ ڊائيلاسز، انتهائي نگهداشت جي سهولت ۽ ٻي ضروري طبي امدادي فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته عورتن جي لا??ِ ميٽرنٽي پيڪيج فراهم ڪيو ويو آهي، هلندڙ مالي سال جي دوران وفاقي حڪومت ڪوشان آهي ته ان پروگرام جو دائري ڪار آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي 12 لک خان??ان?? تائين وڌايو وڃي، وزيراعظم جي قومي هيلٿ سروسز بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته وزيراعظم عالمگير هيلٿ ڪوريج ويزن تحت نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت صوبن ۽ علائقن جي سهڪار سان صحت سهولت پروگرام کي سگهه ڏيڻ جي لا??ِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. مريضن جي اطمينان جي جائزي مان ظاهر ٿيو آهي ته 97.5 سيڪڙو اطمين??ن بخش شرح سامهون آئي آهي، موجوده حڪومت صحت پروگرام جي قبائلي علائقن تائين توسيع ڏئي ڇڏي آهي. نادرا سان رجسٽرڊ معذور ماڻهن جي لا??ِ به اها سهولت دستياب هوندي، پروگرام جي اهميت کي نظر ۾ رکندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي منشور تحت سمورن شهرين کي معياري سهولت فراهم ڪرڻ جي لا??ِ سڄي پاڪستان ۾ صحت سهولت پروگرام تحت صحت انصاف ڪارڊ پروگرام کي سگهه ڏيندي، ان پروگرام تحت غريب خان??ان?? کي انڊور هيلٿ ڪيئر سروسز جي لا??ِ مفت هيلٿ انشورنس فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته مريضن جي علاج کانپوءِ کين گهرن ۾ منتقلي جي لا??ِ ٽرانسپورٽيشن جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي.