اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (??ين سي او سي) پاران وبائ?? مرض جي ٻي لهر جي دوران ڪورونا وائرس جي وڌندڙ پکيڙ کي روڪڻ لاءِ وڏن عوامي ميڙاڪن تي پابندي لاڳو ڪرڻ ۽ وڌيڪ خطرن وارن علائقن ۾ پابنديون وڌائڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ??ين سي او سي جي اجلاس ۾ تعليم جي شعبي ۾ وبائ?? مرض جي انگن اکرن ۽ بيمارين جي پکيڙ جو جائزو ورتو ويو، فورم کي ٻڌايو ويو ??ه ??ين سي او سي پنهنجي حتمي فيصلي جي لاءِ قومي رابطا ڪميٽي (??ين سي سي) کي 12 آڪٽوبر ۽ 13 نومبر تي وڏن عوامي ميڙاڪن ۽ ٻاهرين سرگرمين تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون هيون، تنهن هوندي به سمورين لاڳاپيل ڌرين پاران فيصلي تي اتفاق راءِ ٿيڻ باقي آهي ان جي باوجود بيماري ۾ ٽيڻو اضافو ڏٺو ويو ??هي، فورم کي بريفنگ ڏني وئي ته تع??يم?? ادارن ۾ وبا جو تناسب وڌي رهيو ??هي جڏهن ته ان صورتحال تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي، فورم ان ڳالهه جو فيصلو ڪيو ??ه 16 نومبر تي تعليم واري وفاقي وزير ??ين سي او سي ۾ تعليم جي صوبائي وزيرن سان هڪ خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندو جنهن ۾ عمومي طور تي سڄي ملڪ ۾ وبا جي پکيڙ جي رجحان جو جائزو ورتو ويندو جنهن جو مقصد سڄي ملڪ جي تع??يم?? ادارن ۾ موجود مثبت رجحان جو جائزو وٺڻ آهي، مشاورتي اجلاس کانپوءِ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ فيصلا ۽ لاڳو ڪرڻ لاءِ سفارشون صوبن سان شيئر ڪيون وينديون، فورم تع??يم?? سال جي هدفن کي پهچندڙ نقصانن کان بچڻ لاءِ ۽ ان وائرس جي وڌندڙ رجحان جي پيش نظر فورم اها تجويز پيش ڪئي ته جلد ۽ ڊگهي سردي جي موسم جي موڪل جو اعلان ڪيو وڃي ته جيئن وبا جي پکيڙ کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي، ان سان گڏوگڏ شاگردن جي صحت ۽ حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي، ??ين سي او سي شادي جي تقريبن جي حوالي سان سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان سمورا رهنما اصول شيئر ڪري ڇڏيا آهن جنهن تحت 20 نومبر کان صرف ٻاهر شادين جي ميڙاڪن جي اجازت هوندي جنهن ۾ صرف 500 ماڻهن جي شرڪت جي اجازت هوندي.