اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ترڪيءَ جي شهر ازمير ۾ زلزلي سبب قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيءَ جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ترڪ قوم سان گ?? بيٺل آهي. وزيراعظم ترڪيءَ کي ممڪن مدد ??ي آڇ ڪئي ۽ چيو ته 2005ع تي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ جهڙي طرح ترڪيءَ پاڪستان سان گ?? بيٺل هو، ان کي اسان نه ٿا وساري سگهون.