نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پاران برسلز ۾ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي مناسبت سان تصويري نمائش جو افتتاح

image

برسلز – 31 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني برسلز ۾ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي مناسبت سان تصويري نمائش جو افتتاح ڪيو. تصويري نمائش جو انعقاد پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي خراب حالت جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هڪ پڌرائي موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڄمون ۽ ڪسمير جي بهادر فرزندن ۽ ڌيئرن ڀارت جي ڏاڍ جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي. اڄ اسان ڪشمير ڪاز جي شهيدن ۽ ڀارتي ظلمن جو شڪار ٿيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ڀارت ڪشميرين جي حريت جي جذبي کي پائمال ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ انهن جون قربانيون تاريخ ۾ ياد رکيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو منصفاڻو حل لازمي آهي. عالمي برادري ڀارت تي زور ڏي ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري، 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم واپس وٺي ۽ مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين سان انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ مڪمل يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. نگران پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ان قدم جو مقصد ڪشميري عوام جي خراب حالت ۽ انهن جي خودمختياري جي حق کي تسليم ڪرڻ جي اهميت بابت بيداري پيدا ڪرڻ آهي.

مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں