نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي يورپي پارليامينٽ جي ڏکڻ ايشيائي ملڪن سان لاڳاپن واري وفد جي سربراهه سان ملاقات

image

برسلز – 01 – فيبروري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني يورپي پارليامينٽ جي ڏکڻ ايشيائي ملڪن سان لاڳاپن واري وفد جي سربراهه نڪولا پروڪاسيني سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران هن جاگرافيائي سياست جي اڀرندڙ رجحانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ لاڳيتو مصروفيتن ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي پاڪستان يورپي يونين جي پارلياماني رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.

مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena
متعلقہ مضامین
مزید خبریں