واشنگٽن -16 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدارتي اميدوار ۽ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ٻيهر قاتلاڻي حملي کان پوءِ صدر جوبائيڊن آمريڪي ڳجهي سروس کي ڊونلڊ ٽرمپ جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏ??. پرڏيهي ميڊيا ٻڌايو ته آمريڪي صدر جوبائيڊن آمريڪي ڳجهي سروس کي هدايت ڪئي آهي ته ا??ا ريپبلڪن آمريڪي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ جي مسلسل حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري وسيلا فراهم ڪري. صدر جوبائيڊن چيو ته ج??ئن ته مون ڪيترائي ڀيرا چيو آهي، ته اسان جي ملڪ ۾ سياسي يا ڪنه?? به قسم جي تشدد لاءِ ڪا به جڳهه ناهي ۽ مان پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته اها ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته سيڪريٽ سروس وٽ سمورا اهي وسيل??، صلاحيتون ۽ حفاظتي قدم موجود آهن جيڪي ڊونلڊ ٽرمپ جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهن. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڊونلڊ ٽرمپ کي پيش آيل واقعن جا وڌيڪ تفصيل گڏ ڪري رهيا آهن. مون کي منهنجي ٽيم ان بابت بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هڪ شڪي شخص کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان بابت وڌيڪ تفصيل گڏ ڪري رهيا آهن. ان کان پهرين ايف بي آءِ چيو هو ته هو ڊونلڊ ٽرمپ جي ويجهو ٿيندڙ فائرنگ جي جاچ ڪري رهي آهي.