چين ۽ پاڪستان آئرن برادرز آهن، سي پيڪ ان آزمايل سدا بهار، بااعتماد، اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جو هڪ نئون باب آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سي پيڪ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي چين ۽ پاڪستان کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان آئرن برادرز آهن، سي پيڪ ان آزمايل سدا بهار، بااعتماد، اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جو هڪ نئون باب آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏي ٿو ته سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿي ويا آهن. چين ۽ پاڪستان آئرن برادرز آهن، سي پيڪ ان آزمايل سدا بهار بااعتماد، اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جو هڪ نئون باب آهي. سي پيڪ چين جي عظيم اڳواڻ شي چن پنگ ۽ قائد محمد نواز شريف جي ترقي سڀني جي لاءِ ويزن جو شاندار نمونو آهي. بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو صدر شي چن پنگ جي امن، دوستي، معاشي حصيداري ۽ گڏيل بقاءَ جي سوچ جو مظهر آهي. سي پيڪ صدر شي چن پنگ جو پاڪستان جي عوام لاءِ تحفو آهي. افسوس آهي ته چار سال سي پيڪ جي راهه ۾ رڪاوٽ آئي. چين جهڙي عظيم دوست تي بي بنياد الزام هنيا ويا. سي پيڪ جا دشمن پاڪستان ۽ خطي ۾ ترقي، امن، خوشحالي جا دشمن آهن، اهي نه ٿا چاهين ته اسان جي عوام کي غربت مان ڇوٽڪارو ملي. سي پيڪ تي ڪم جي رفتار ٻيڻي ڪري رهيا آهيون، اها غربت، بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي جي خاتمي جو منصوبو آهي. هن چيو ته ڀارت کي به سي پيڪ جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجڻ بدران ان جي ثمرن مان فائدو کڻڻ گهرجي. سي پيڪ سان ايران، افغانستان ۽ وچ ايشيا ۽ سڄي خطي کي ثمر ملندا. اهو صرف روڊ، ريل، سامونڊي ۽ فضائي رستن ۾ بهتري جو هي نه صحت، تعليم، هنرمندي ۽ ترقي جي عمل ۾ حصيداري جو شاندار منصوبو آهي، سي پيڪ خطي ۽ علائقن کي ئي نه پر عوام جي دل ڳنڍڻ جو به خوبصورت منصوبو آهي، هي گلوبلائيزيشن ۾ اڪنامڪ ريجنلائيزيشن جو گيم چينجر منصوبو آهي، اهو اسان جي خطي ۾ عوام جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ ۽ انهن کي غربت مان ڪڍڻ، امن ۾ رهڻ جو سفر آهي. سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفن لاڳاپن کي فولادي بڻائڻ جو ذريعو ۽ گڏيل حصيداري جي نئين دور جي شروعات آهي. ان ۾ پاڻي جي فراهمي کان وٺي، تعليم ۽ فني تربيت، هنرمندي جا منصوبا شامل آهن. سڄي ملڪ ۾ 9 اسپيشل اڪنامڪ زونز جي تياري سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي ٿيندي، صنعتي حصيداري عمل ۽ مقامي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو. اين ڊي ايم اي جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ قدرتي آفتن کان بچاءُ جي لاءِ اڳواٽ قدم به سي پيڪ جو حصو آهن. زراعت جي ترقي لاءِ گڏيل منصوبو به ان ۾ شامل آهي، جنهن سان غذائي تحفظ يقيني ٿيندو.

مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔
متعلقہ مضامین
مزید خبریں