وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران چين جي صدر شي جن پنگ جي سالگرهه تي نيڪ خواهشن جو اظهار

image

اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ جي سالگرهه تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان جي متحرڪ قيادت ۾ چين عالمي يڪجهتي، امن ۽ تعاون کي اڳتي وڌائيندڙ عالمي اڳواڻ طور اڀريو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڀائيچارو 2015ع ۾ ان جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ تعاون جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيو ۽ تڏهن کان اهو مضبوط کان مضبوط ٿيندو پيو وڃي. چيني صدر کي ان جي سالگرهه تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد
متعلقہ مضامین
مزید خبریں