بجيٽ ۾ مهمند ڊيم لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ رپيا ۽ داسو ڊيم لاءِ 58 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا: اسحاق ڊار

image

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ناڻي وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چي آهي ته بجيٽ ۾ مهمند ڊيم لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ رپيا ۽ داسو ڊيم لاءِ 58 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا. بجيٽ تقرير ۾ ناڻي واري وزير چيو ته گذريل سال مهمند ڊيم جي تڪميل لاءِ 12 ارب رپيا فراهم ڪيا. ايندڙ مالي سال ۾ به ان منصوبي لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ رپين جي رقم رکي پئي وڃي. هن چيو ته اهڙيءَ طرح 2160 ميگاواٽ گنجائش رکندڙ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ ترجيحي بنيادن تي تقريبن 59 ارب رپين جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. ناڻي واري وزير چيو ته ديامير ڀاشا ڊيم لاءِ 20 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا. ٻين اهم منصوبن ۾ 969 ميگاواٽ جي نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ 4 ارب 80 ڪروڙ رپيا، تربيلا هائيڊرو پاور جي گنجائش ۾ واڌ لاءِ 4 ارب 45 ڪروڙ رپيا ۽ وارسڪ هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور اسٽيشن جي بحاليءَ لاءِ 2 ارب 60 ڪروڙ رپين جي رقم فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته انهن منصوبن سان زرعي شعبي لاءِ پاڻي جي فراهمي ۽ سستي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو.

مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں
متعلقہ مضامین
مزید خبریں