تاپي منصوبي جي پڄاڻي خطي جي لاءِ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي: وزيراعظم شهباز شريف

image

اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته تاپي منصوبي جي پڄاڻي خطي جي لاءِ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ تاپي گڏيل عملدرآمد منصوبي تي صحيحون ان منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، تاپي منصوبو اسان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته ان منصوبي تي تيز رفتاري سان عملدرآمد ڪيو وڃي. هن چيو ته عالمي سطح تي ٻارڻ جي مهانگي قيمتن ۽ گئس جي کوٽ جي ڏس ۾ اسان توانائي پائيدار بنيادن تي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس قومي توانائي جي تحفظ تحت ڪوششون ڪري رهيا آهيون، تاپي منصوبي جي پڄاڻي خطي جي لاءِ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي حوالي سان گيم چينجر ثابت ٿيندي.

مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil
متعلقہ مضامین
مزید خبریں