عمران خان جي عدليه بچاءُ تحريڪ ملڪ جي عدل جي نظام تي چماٽ آهي: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي عدليه بچاءُ تحريڪ ملڪ جي عدل جي نظام تي چماٽ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فارن فنڊيڊ ايجنٽ، توشه خانه چور، قوم جي 190 ملين جو امانت خور، القادر ٽرسٽ جو رشوت خور، عدالتي ڀڳوڙو، گدڙ عدليه بچائڻ نه پر پنهنجي ڏوهن کان فرار جي لاءِ عدليه کان بچڻ نڪتو آهي. هن چيو ته عدليه نواز شريف جهڙو شينهن ليڊر بچائيندو آهي، پوليس جي ڊپ کان ٻرِ ۾ لڪي ويندڙ گدڙ نه آهي. پنهنجي چورين ۽ ڏوهن تي ”عدليه کان بچايو“ تحريڪ جي پٺيان نه لڪو، عدليه کي تڏهن بچائڻو هو جڏهن ثاقب نثار کي ڪوڙي صادق ۽ امين سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي لاءِ فون ڪندو هو.

مضمون کا ماخذ : números quina hoje
متعلقہ مضامین
مزید خبریں