وزيراعظم ڪي ٿري منصوبي جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو

image

اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خميس تي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چين جي حصيداري سان تعمير ٿيندڙ ڪراچي نيو ڪلئير پاور پلانٽ (KANUPP) جي ٽئين يونٽ (K 3) جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. ان منصوبي جي آغاز سان ڪراچي ۾ نيو ڪليئر پاور پلانٽ سان بجلي جي مجموعي پيداوار 2200 ميگاواٽ ٿي ويندي. وزيراعظمK 3 پاور پلانٽ جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪندو ۽ ٻوٽو لڳائيندو. ان موقع تي وزيراعظم تقريب کي خطاب به ڪندو.

مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste
متعلقہ مضامین
مزید خبریں