وزيراعظم پاران نجم سيٺي کي ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ سخت محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت

image
APP88-310123 ISLAMABAD: January 31 - Chairperson of PCB Interim Management Committee, Najam Sethi called on Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif. APP/IQJ/ABB/MOS

اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي عبوري مئنيجمينت ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي جي ڪوششن کي ساراهيندي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ سخت محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي عبوري مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي ملاقات ڪئي. نجم سيٺي وزيراعظم کي پاڪستان ۾ اداراجاتي (Departmental) ڪرڪيٽ جي بحالي ۽ فيبروري ۾ شروع ٿيندڙ پي ايس ايل ايڊيشن 8 جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ جي لاءِ نجم سيٺي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ کيس ان سلسلي ۾ سخت محنت ۽ ڀرپُور جذبي سان ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں