وزيراعظم سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني جي ملاقات

image
APP25-270123 ISLAMABAD: January 27 - Ambassador of the State of Qatar in Pakistan, H.E. Sheikh Saoud bin Abdulrahman Al-Thani calls on Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif. APP/MAF/ABB

اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب قطر جي سفير وزيراعظم کي قطر جي امير جو نيڪ خواهشن جو خصوصي پيغام پهچايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف تاريخ جي ڪامياب ترين فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني تي قطر کي مبارڪباد ڏني ۽ ورلڊ ڪپ دوران فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي اهم ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم انهن لاڳاپن کي ٺوس اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي جي شعبن ۽ افرادي قوت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. قطر نار خطي ۾ پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي رکندڙ ملڪ آهي. پاڪستان ۽ قطر جا لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ قدرن تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو تعاون ڪن ٿا.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام
متعلقہ مضامین
مزید خبریں