بلاول ڀٽو زرداري پاران پير آف قمبر سيد غلام حسين شاهه بخاري جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

image

ڪراچي – 26 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پير آف قمبر سيد غلام حسين شاهه بخاري جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري سيد غلام حسين شاهه بخاري جي اندان ۽ عقيدتمندن سان ڏک جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سيد غلام حسين شاهه ملڪ جي هڪ وڏي روحاني شخصيت هئي، سوڳوار خاندان ۽ عقيدتمندن کي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سيد غلام حسين شاهه بخاري جي اسلام جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، الله تعاليٰ پير غلام حسين شاهه جي مغفرت ۽ ان جا درجا بلند فرمائي.

مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں