وزيراعظم پاران سعودي عرب کي فٽبال ٽورنامينٽ ۾ ڪاميابي تي مبارڪون، پاڪستان قومي ٽيم جو ٻي پوزيشن تي اچڻ اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي: محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب کي فٽبال ٽورنامينٽ ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان قومي ٽيم جو ٻي پوزيشن تي اچڻ اسان جي لاءِ اعزاز ۽ قابل فخر آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستاني عورت فٽبالر ماريه خان پاران شاندار گول اسڪور ڪرڻ تي کيس خصوصي مبارڪباد ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان ۾ فٽبال ۽ عورتن جي ٻين راندين جي فروغ لاءِ پاليسي تي ڪم ڪري رهيا آهيون.

مضمون کا ماخذ : Raging Rhino
متعلقہ مضامین
مزید خبریں