وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل عرب امارات جي رواداري واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان جي ملاقات

image
APP21-130123 ABU DHABI: January 13 - Minister for Tolerance of United Arab Emirates calls on Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif. APP/MAF/ABB

ابوظهبي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل عرب امارات جي رواداري واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کيس پاڪستان ۾ توانائي، ايوي ايشن ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي رواداري واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان سان ملاقات ڪئي. شيخ نهيان وزيراعظم کي سڄي دنيا ۾ رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي قدرن جي فروغ لاءِ ان جي حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. شيخ نهيان بن مبارڪ پاڪستاني ڪميونٽي جي لڳاءُ ۽ محنت کي ساراهيو جيڪي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا اهن. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي ساراهيندي گڏيل عرب امارات سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ثقافت ۽ سياحت سميت سمورن شعبن ۾ موجوده ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم شيخ نهيان جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پنهنجي ڪاروبار بابت سيڙپڪاري ۾ پاڪستاني عوام تي اعتماد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم کيس توانائي، هوابازي ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ گڏيل عرب امارات جي ڪوششن کي ساراهيو.

مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II
متعلقہ مضامین
مزید خبریں