بنون ۾ دهشتگردن جو مقابلو ڪندي شهيد ٿيل سيڪيورٽي فورسز جي 12 جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

image

راولپنڊي-20 نومبر (اي پي پي) بنون ۾ دهشتگردن جو مقابلو ڪندي شهيد ٿيل سيڪيورٽي فورسز جي 12 جوانن جي جنازي نماز بنون گيريزن ۾ ادا ڪئي وئي. شهيدن جي جنازي نماز ۾ ڪمانڊر پشاور ڪور سميت اعليٰ عسڪري عملدارن، سول انتظاميه ۽ فوجي جوانن شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب 19 نومبر تي بنون ۾ فتنه الخوارج جي حملي ۾ بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ گجرانوالا جي 44 سالن شهيد صوبيدار عمران احمد فاروقي، 29 سالن جي سرگوڌا سان تعلق رکندڙ شهيد حوالدار محمد جاويد اقبال، 34 سالن جي ايبٽ آباد سان تعلق رکندڙ شهيد نائيڪ طهماس احمد، 39 سالن جي هريپور سان تعلق رکندڙ شهيد نائيڪ باسط فريد، 33 سالن جي بارکان سان تعلق رکندڙ شهيد سپاهي صفدر علي، 32 سالن جي ڪوهلو سان تعلق رکندڙ شهيد سپاهي اسد بشير، 38 سالن جي ڊيرا غازي خان سان تعلق رکندڙ شهيد سپاهي اعجاز حسين، 23 سالن جي ميانوالي سان تعلق رکندڙ شهيد سپاهي عاطف خان، 30 سالن جي ڪرڪ سان تعلق رکندڙ شهيد سپاهي امان الله، 22 سالن جي لوئر دير سان تعلق رکندڙ شهيد سپاهي شاهه زمان، 22 سالن جي ڪرڪ سان تعلق رکندڙ شهيد سپاهي حسيب الله ۽ 33 سالن جي ڪرڪ سان تعلق رکندڙ شهيد عثمان الله جي جنازي نماز بنون گيريزن ۾ ادا ڪئي وئي.

مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں
متعلقہ مضامین
مزید خبریں