صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز کٽڻ تي مبارڪون

image

اسلام آباد -10 نومبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز کٽڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي 22 سالن کان پوءِ آسٽريليا ۾ ون ڊي سيريز کٽڻ تي شاباش ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، پوري ٽيم ان شاندار ڪارڪردگي تي جس لهڻي. صدر مملڪت آصف علي زرداري ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم مستقبل ۾ به وڌيڪ ڪاميابيون ماڻيندي.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں