شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود پاران پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي عهدي جو حلف کڻڻ تي مبارڪباد جو پيغام

image

اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولد عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پنهنجي عهدي جو حلف کڻڻ تي مبارڪباد جو پيغام موڪليو آهي. سعودي پريس ايجنسي (ايس پي اي) موجب ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان شهباز شريف جي ڪاميابي ۽ پاڪستاني عوام جي مستقل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔
متعلقہ مضامین
مزید خبریں