نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو

image

رياض – 10 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪنگ خالد ايئرپورٽ تي رياض جي نائب گورنر شهزاده محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز، سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق ۽ اعليٰ سعودي عملدارن ۽ پاڪستاني سفارتي عملي استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم اسلامي تعاون تنظيم جي فلسطين جي تازي صورتحال تي منعقد هنگامي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.

مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II
متعلقہ مضامین
مزید خبریں