نگران وزيراعظم پاران مختلف وزارتن، ڊويزنن ۽ آفيسن بابت سينيٽ ۾ پارلياماني ڪارروائي جي لاءِ نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نامزد

image

اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم مختلف وزارتن، ڊويزنن ۽ آفيسن جن جا قلمدان نگران وزيراعظم وٽ انچارج وزير وارا آهن، جي حوالي سان سينيٽ ۾ پارلياماني ڪارروائي جي لاءِ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي کي پرزائيڊنگ سيڪريٽريٽ، وزيراعظم آفيس، ڪابينا سيڪريٽريٽ، نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ، هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن، بين الصوبائي رابطا ڊويزن، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري ڊويزن، رياستي ۽ سرحدي ريجنز ڊويزن جي لاءِ سينيٽ ۾ پارلياماني ڪارروائي جي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. انهن وزارتن، ڊويزنن ۽ آفيسن جا قلمدان بحيثيت انچارج وزير نگران وزيراعظم وٽ هئا.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں