اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي جي معاملن بابت خاص صلاحڪار معيد يوس?? چيو آهي ته منهنجي خلاف غلط افواهون ڦهلايون پيون وڃن، مون وٽ پاڪستان کانسواءِ ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت ناهي، مان پاڪستان حڪومت کي پنهنجي شهريت بابت پهريان ئي قسم نامو جمع ??رائي چڪو آهيان. پنهنجي اثاثن ۽ شهريت بابت وضاحتي بيان ۾ خاص صلاحڪار چيو ته پنهنجي موجوده ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ آمريڪا ناهيان ويو، مون کي آمريڪا مان ڪا به آمدني نه ٿي اچي، منهنجي پرڏيهه ۾ ڪا به اربن يا لکن جي جائيداد ن??هي. هن چيو ته منهنجي يا منهنجي خاندان وٽ پاڪستان کانسواءِ ڪنهن ملڪ ۾ ڪا به جائيداد ن??هي، غلط فهمي نه ڦهلائي وڃي.