اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي مريضن جي لاءِ بيڊز ۽ آڪسيجن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته علائقائي ۽ عالمي تجربي کي سامهون رکندي اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته ڪورونا جي روڪٿام جي حوالي سان اختيار ڪي?? حڪمت ع??لي جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن، سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت ع??لي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مقامي اڳواڻن ۽ ڪميونٽي جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ٽائيگر فورس جون خدمتون به حاصل ڪيون وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال ۽ وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان اختيار ڪي?? حڪمت ع??لي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪي??. اجلاس ۾ ڪورونا جي صورتحال، سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ آڪسيجن بيڊز جي انگ ۾ اضافي جي صورتحال، آڪسيجن جي طلب ۽ سپلاءِ، ملڪ جي وڏن شهرن جي متاثر علائقن ۾ س??ارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ ۽ عيدالاضحيٰ جي حوالي سان تيار ڪي?? ايس او پيز بابت معاملن تي تفصيلي غور ڪي?? ويو. وزيراعظم کي چئني صوبن، آزاد ڄمن ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اسپتالن ۾ ڪوويڊ جي لاءِ مخصوص بيڊز جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ ڪي?? ڪوششن ۽ هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.